ڏات ۽ حيات

ڏات ۽ حيات

ڏات ۽ حيات ڀاڱو ٻيون

ڏات ۽ حيات ڀاڱو ٻيون

ڏات ۽ حيات

ڏات ۽ حيات

ڏات ۽ حيات

ڏات ۽ حيات (ڪتاب): سـنڌ ۽ هـنـد جـي صف اول جي جـديـد شــاعر نارائڻ شيام جي شاعريءَ جو هي ڪتاب، ٻن ڀاڱن ۾، اجنتا پبليڪيشن، اجمير پاران ڇپايو آهي. ٻئي ڀاڱا ڏهن سالن جي وٿيءَ سان، پهريون 1988ع ۾ ۽ ٻيو 1998ع ۾ ڇپايا ويا آهن.
ڏات ۽ حيات‘ ڀاڱي پهرئين ۾ نارائڻ شيام جا 315 غزل شامل ڪيا ويا آهن، جن جي دور وار هن ريت ورهاست ڪئي وئي آهي.
(1) دور: (1940ع کان 1955ع)، 1 کان 40 غزل
(2) دور (1956ع کان 1969ع)، 41 کان 125 غزل
(3) دور (1970ع کان 1972ع)، 126 کان 193 غزل،
(4) دور (1973ع کان 1982ع)، 194 کان 245 غزل
(5) دور (1983ع کان 1987ع)، 246 کان 315 غزل.
پهرئين ڀاڱي جو مهاڳ، نامياري عالم ۽ شاعر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”شيام اسان جو پيارو ۽ قرب وارو شاعر آهي. غزل وارو ڀاڱو توهان جي هٿن ۾ آهي، جيڪو احساسن جي شاعري آهي. شبد چتر (Imagism) ان جي جان آهي. شعر پڙهڻ سان اکين آڏو هڪ تصوير اُڀري اچي ٿي ۽ پنهنجو مفهوم محسوس ڪرائي ٿي. . . هن مجموعي ۾ شيام پارسي وزنن خواه ديسي ڇندن جو چڱو استعمال ڪيو آهي. لڳ ڀڳ چاليهه وزن ۽ سورهن ڇند استعمال ڪيا اٿس.“ 326 صفحن جي ڊيمي سائيز جي هن جلد جي قيمت هڪ سئو روپيا آهي.
ٻيو ڀاڱو به ’ڏات ۽ حيات‘ جي سري سان، اجنتا پبليڪيشن، اجمير ڇپايو آهي. ٻئي ڀاڱي جو مرتب شاعر ڍولڻ راهي آهي. هن ڀاڱي ۾ غزل کي ڇڏي باقي شعري صنفون: تصويرون (هائيڪو)، دوها، سورٺا، بيت، پنجڪڙا، تنها، قطعا، رباعيون، ترائيل، وايون، نظم ۽ چوڏسي ’روپ مالا‘ شامل آهن. ڪتاب بابت هري همٿاڻيءَ جي تاثرات کان سواءِ نامياري شاعر هري دلگير جو تفصيلي مهاڳ شامل آهي.
هري دلگير لکي ٿو ته، شيام کي غزل جو استاد شاعر چئي سگهجي ٿو. هن غزل جو ڪئنواس تمام وسيع ڪري ڇڏيو ۽ ٻين شاعرن لاءِ نيون راهون ٺاهي ويو. پر ان هوندي به مون کي شيام جا دوها ۽ سورٺا وڌيڪ وڻن ٿا. . . شيام فڪر جو صاحب ۽ فن جو ماهر آهي“
336 صفحن جي ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب (ڀاڱي ٻئي جي قيمت 200 روپيا آهي ۽ اجنتا پبليڪيشن، ڊسمبر 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ڏات ۽ حيات‘ جي پهرئين ڀاڱي کي ساڳئي نالي سان، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ، 1997ع ۾ ٻيهر ڇپايو ۽ ان جي ڊيمي سائيز جي 315 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو